ديوان راشد

ديوان راشد

ديوان راشد

ديوان راشد (ڪتاب): هي ديوان سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر راشد مورائيءَ جي غزلن تي مشتمل آهي. ديوان جي منڍ ۾ پنهنجي پاران ’ٻه اکر‘ راشد مورائيءَ جا لکيل آهن، جڏهن ته ’منصور جي گفتار‘ عنوان سان تفصيلي مقدمو اصغر ڀٽي ڀريائيءَ جو لکيل آهي. اصغر ڀٽي پنهنجي مقدمي ۾ لکي ٿو ته: ”ديوان راشد ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه، سونهن ۽ سنسار جي صداقتن جي اپٽار، سور مان سرور ماڻيندڙ پيار جي پرچار آهي، جيڪا هڪ طرف ته محبت جي اڻ مئي امرت سان سرشار آهي ته ٻئي طرف آزاديءَ جي املهه وٿ سان ٽمٽار آهي. پرواز ۾ بلندي، اعليٰ آدرشي فڪر، پورهيت سان پيار، آزاديءَ جي جدوجهد سان لاڳاپو، انسانيت، انسان جي عظمت ۾ ايمان، اخلاقي پابنديون، سياسي ۽ سماجي شعور، ڪردار جي سچائي، سونهن مان اتساهه وٺڻ وارا پاڪ جذبا راشد مورائيءَ جي شاعريءَ جون خوبيون آهن. ديوان ۾ صرف غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪيل آهي ۽ غزل رديفن مطابق الف- ب ترتيبوار سان ڏنل آهن. چار رنگي ٽائيٽل سان 303 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب کي سچل پبليڪيشنز 2005ع ۾ شايع ڪرايو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو